Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 43:17 - Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ ئي جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گھوڙن وارن طاقتور لشڪرن کان ڪاهہ ٿو ڪرايان، ۽ آءٌ ئي انهن کي اهڙو تباهہ وَ برباد ٿو ڪريان، جو اهي مري وڃي اهڙا ٿا سمهن جو وري ڪڏهن بہ نہ اٿندا. اهي ائين گم ٿيو وڃن، جيئن ڪو ڏيئو اجھامي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 43:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو.


هن فرعون جي لشڪر ۽ گاڏين کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ساڻس گڏ انهيءَ جا چونڊ فوجي سالار بہ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا.


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


تنهنجي ذريعي مون گھوڙن ۽ سوارن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


آءٌ تو کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍا وجھي جنگ ڪرڻ لاءِ تنهنجي علائقي مان گهلي ٻاهر ڪڍندس. تنهنجي وڏي لشڪر ۾ گھڻا ئي جنگي جوڌا، گھوڙا ۽ گھوڙي سوار هوندا جيڪي سڀيئي هٿياربند هوندا ۽ وٽن سپرون، ڍالون ۽ تلوارون هونديون، تن سڀني کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.


پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ