11 آءٌ ئي، هائو، فقط آءٌ ئي اڪيلو خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ بچائڻ وارو ناهي.
11 آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.
بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.
بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“
اهي ٻئي شيون مصرين لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي ثابتي هونديون تہ قادرِمطلق خداوند ساڻن گڏ موجود آهي. پوءِ اهي جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن خداوند جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندا تہ هو سندن لاءِ ڪو بچائيندڙ ۽ مددگار موڪليندو، جيڪو اچي کين دشمنن کان ڇڏائيندو.
آءٌ ئي اڪيلو خداوند تنهنجو خدا آهيان. ڪوبہ ٻيو معبود منهنجي عظمت ۾ حصيدار نہ آهي، نڪي ڪا تراشيل مورتي منهنجي واکاڻ ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿي.
آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ اوهان جو بچائيندڙ آهيان. مون اوهان جي عيوض ۾ مصر، سوڊان ۽ صبا ڏيئي ڇڏيا آهن.
خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“
قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.
پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.
پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.
ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي.
ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“
”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي.
۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي هر طرح سان سينگاري سگھن.
ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.
ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.
۽ جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن واحد خدا کي عظمت، قدرت، اختيار ۽ واکاڻ سونهي، جيئن ازل کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.
جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“