Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:24
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.


تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.


ڪاش، اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي ٻڌو. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ئي واٽن تي هلو.


خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود کين اهو بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، ۽ اطمينان رکندي مون تي ڀروسو ڪندا تہ اوهين بچي ويندا. هائو، بي‌فڪري ۽ توڪل ۾ ئي اوهان جي مضبوطي آهي.“ پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گھريو،


تہ بہ ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو آهي، جيڪو انهيءَ تي ڌيان ڏئي ۽ ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌي؟


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


اڄ ڏينهن تائين اوهين نہ پشيمان ٿيا آهيو، نڪي منهنجي تعظيم ڪئي اٿوَ، نہ وري منهنجي شريعت ۽ منهنجي حڪمن تي هليا آهيو، جيڪي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن اڳيان رکيا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن انهن کي ارام علائقي جي هڪ بادشاهہ ڪوشن رسعتيم جي هٿ ڏيئي ڇڏيو. سو بني اسرائيل اٺن سالن تائين ڪوشن رسعتيم جي غلامي هيٺ رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ