Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن تہ آءٌ خداوند جنهن جي هر ڳالهہ سچي آهي، تنهن جو اهو ارادو هو تہ منهنجي قوم منهنجي ڏنل شريعت کي وڏو مان ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:21
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس. تنهنجي دائمي ٻاجھہ ۽ سچائيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي نالي ۽ قول کي هر شيءِ کان مٿاهون ڪيو آهي.


اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.


آءٌ تو خداوند خدا جي قدرت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ تنهنجي ڀلائين جو ذڪر پيو ڪندس.


اي خدا! تنهنجي سچائي آسمان کان بہ بلند آهي. اي خدا! تو ڪيڏا نہ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، ڪير آهي جيڪو تنهنجي برابري ڪري سگھي!


جيستائين هو ڌرتيءَ تي انصاف قائم نہ ڪندو، تيستائين نہ هو ٿڪبو، نڪي همت هاريندو. ڏورانهن ملڪن واريون قومون بہ سندس تعليم لاءِ پيون واجھائينديون.“


اي منهنجي قوم وارؤ! مون ڏانهن ڌيان ڏيو. هائو، مون ڏانهن ڪن ڏيو. ڏسو، مون وٽان قومن کي تعليم حاصل ٿيندي، ۽ منهنجو عدل انهن لاءِ روشنيءَ مثل هوندو.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“


جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها جيڪا حياتي ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ها.


سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘


اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ