Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اوهان جي نظر تہ گھڻين ئي شين تي پوي ٿي، پر اوهين انهن کي سمجھڻ نہ ٿا چاهيو. اوهان جا ڪن تہ بلڪل کُليل آهن، پر اوهين ڪنهن ڳالهہ تي ڌيان ڏيڻ نہ ٿا چاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا.


جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“


بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي. اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا، ۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ ’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا، ۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘


تڏهن خداوند فرمايو تہ ”وڃ، هن قوم کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’بيشڪ اوهين منهنجو پيغام ٻڌو تہ ٿا پر سمجھو نہ ٿا، بيشڪ اوهين منهنجا ڪم ڏسو تہ ٿا پر پروڙيو نہ ٿا.‘


مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوت‌پرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


آءٌ انهن سان مثالن ۾ انهيءَ ڪري ڳالهايان ٿو جو اهي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي.


هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ