يسعياہ 42:15 - Muslim Sindhi Bible15 آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن تي اڀريل گاهہ ۽ ٻوٽا سڀيئي سڪائي ڇڏيندس. آءٌ ندين توڙي ڍنڍن کي سڪائي بيابان بڻائي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.