Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بي‌جان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:29
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بي‌جان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.


پوءِ اهي انهن غير معبودن جي قربان‌گاهن ڏانهن نہ نهاريندا، جيڪي پنهنجي هٿن سان ٺاهيون اٿائون. نڪي هو انهن بت‌پرستيءَ وارين شين کي مان ڏيندا، جيڪي سندن آڱرين جوڙيون هونديون، پوءِ اهي يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا هجن يا لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون.


ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.


هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا.


اي بتؤ! اوهين ڪجھہ بہ نہ آهيو، اوهين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. جيڪي اوهان جي پوڄا ٿا ڪن سي نفرت جي قابل آهن.


اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


هائو، سندس نبي بہ رڳو هوا وانگر آهن ۽ وٽن خدا جو ڪو فرمان ڪونهي.“ سو قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيئن تہ ماڻهن اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي فرمان کي تنهنجي وات ۾ باهہ بڻائيندس ۽ هنن ماڻهن کي ٻارڻ بڻائيندس. پوءِ اها باهہ هنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تراشيل بت يا پلٽيل مورتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ اهي تہ رڳو انساني هٿ جا ٺهيل آهن، ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهن. پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيءِ تي انسان ڪيئن ڀروسو ڪري ٿو، جڏهن تہ اهي ڳالهائي بہ نہ ٿا سگھن؟


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا.


اوهين ٻين معبودن جي پٺيان نہ لڳو، جيڪي نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو ٿا ڏيئي سگھن ۽ نہ اوهان کي بچائي ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ