Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پر مون نهاري ڏٺو تہ انهن غير قومن جي معبودن مان ڪوبہ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق ئي نہ هو، نہ ئي ڪو منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ٿي سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 جڏهن آءٌ نهاريان ٿو، تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، انهن ۾ ڪوبہ صلاح ڏيڻ وارو ڪونهي جو جڏهن آءٌ هنن کان پڇان تڏهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ ڳالهائي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:28
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري. تڏهن ارادو ڪيائين تہ هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو، ۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.


آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويو هئس تہ اتي منهنجي مدد ڪرڻ يا هٿي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. تڏهن منهنجي غصي مون کي هٿي ڏني، ۽ مون پنهنجي قدرت سان اها جنگ کٽي ورتي.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


تڏهن بادشاهہ جا عالم اڳتي ايندا ويا، پر اهي سڀيئي اها لکت پڙهي بادشاهہ کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ