Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:26 - Muslim Sindhi Bible

26 اي غير قومن جا معبودؤ! ڇا اوهان مان ڪنهن اڳڪٿي ڪري ٻڌايو آهي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا اوهان مان ڪنهن اهڙي خبر ٻڌائي آهي، جو اسين اوهان کي سچو سمجھون؟ اوهان مان ڪنهن بہ اهڙي ڳالهہ نہ ٻڌائي آهي، نہ ئي ڪو اهڙو لفظ ئي ڳالهايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڪنهن شروع کان اهو ٻڌايو آهي تہ اسان کي انهي جي خبر پوي؟ ۽ ڪنهن وقت کان اڳي ظاهر ڪيو آهي تہ اسين چئون تہ اهو راستباز آهي؟ هائو ڪوبہ ڪونهي جو ٻڌائي، ڪوبہ ڪونهي جو ڏيکاري، هائو، ڪوبہ ڪونهي جو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:26
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين اچو ۽ جيڪي ڳالهيون اڳي ٿي گذريون آهن، تن بابت اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن کي سمجھي سگھون، ۽ انهن جو انجام ڄاڻي سگھون. ايندڙ وقت ۾ بہ جيڪي ٿيندو، تنهن کان پڻ اسان کي آگاهہ ڪريو، تہ جيئن اهي ڏسي اسين اوهان جي قوت مڃي سگھون.


هي ڪم ۽ انتظام ڪنهن جو آهي؟ ڪير شروعات کان وٺي انساني واقعات کي پنهنجي ضابطي ۾ ٿو رکي؟ اهو آءٌ خداوند آهيان، هائو، آءٌ ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪريان ٿو. آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر.


سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘


جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي، هائو، اهو اعلان ڪري، ۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري. قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي، جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون، يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟


اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو، ۽ ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ اڪيلو خدا آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ