يسعياہ 41:25 - Muslim Sindhi Bible25 مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 مون هڪڙي کي اُتر کان اُٿاريو آهي ۽ اهو اچي پهتو آهي؛ اهو جو سج جي اُڀرڻ واري هنڌان ٿو اچي ۽ منهنجو نالو وٺي ٿو پڪاري: ۽ اُهو حاڪمن جي مٿان ائين ٿو اچي، جيئن ڪو گچ تي اچي، ۽ جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي لتاڙي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تانتہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“