Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هائو، اوهين اسان کي ٻڌايو تہ اڳتي ڇا ٿيندو، تہ پوءِ اسين سمجھون تہ اوهين سچا معبود آهيو. اوهين چڱائي يا بڇڙائي ڪجھہ تہ ڪري ڏيکاريو، تہ جيئن اسين سڀ ڏسون ۽ ڊڄي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جيڪي ڳالهيون هن کان پوءِ ٿيڻ واريون آهن، سي اسان کي ٻڌايو، تہ پوءِ اسين ڄاڻون تہ اوهين خدا آهيو: هائو، چڱائي يا بڇڙائي ڪجهہ تہ ڪريو تہ اسين ڊڄون ۽ گڏجي اهي ڏسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي فرعون! هاڻي تنهنجي انهن ڏاهن جي ڏاهپ ڪٿي آهي؟ جڏهن تہ اهي ٻڌائي ئي نہ ٿا سگھن تہ قادرِمطلق خداوند جو مصر جي باري ۾ ڪهڙو ارادو آهي؟


ڏسو، منهنجيون اڳ ۾ ٻڌايل ڳالهيون هاڻي اچي پوريون ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٻڌائيندس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.“


سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘


اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.


آءٌ تو کي لڪل خزانا، ۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس. پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان، جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.


اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“


جيڪڏهن اوهين مون کي اهو خواب نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني لاءِ فقط اها ئي سزا آهي. اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڪندو رهڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ جيئن ڀلي وقت ٽري وڃي. تنهنڪري اوهين ضرور مون کي خواب ٻڌايو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اوهين انهيءَ جو تعبير بہ بيان ڪري سگھندا.“


هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين ايمان آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ