يسعياہ 41:22 - Muslim Sindhi Bible22 اوهين اچو ۽ جيڪي ڳالهيون اڳي ٿي گذريون آهن، تن بابت اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن کي سمجھي سگھون، ۽ انهن جو انجام ڄاڻي سگھون. ايندڙ وقت ۾ بہ جيڪي ٿيندو، تنهن کان پڻ اسان کي آگاهہ ڪريو، تہ جيئن اهي ڏسي اسين اوهان جي قوت مڃي سگھون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 ڀلي تہ اُهي آڻي ظاهر ڪن ۽ اسان کي ٻڌائين تہ ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي: جيڪي ڳالهيون اڳي ٿيون آهن سي اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن تي غور ڪريون ۽ انهن جي پڇاڙي معلوم ڪريون؛ يا اسان کي ايندڙ وقت جون ڳالهيون ٻڌايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.