Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:17
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“


سو هاڻي اي بني اسرائيل جا خدا! تنهنجو اهو واعدو جيڪو تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو بہ پورو ٿئي.


منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.


مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.


مون پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين ڪڏهن بہ سچار ماڻهن کي وساريل ڪين ڏٺو آهي، نڪي سندن اولاد کي مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پنندو ڏٺو اٿم.


آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


ائين نہ ٿئي جو ڪو مظلوم شرمندو ٿي تو وٽان موٽي وڃي. اٽلندو شل غريب ۽ محتاج تنهنجي نالي جي واکاڻ پيا ڪن!


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.


پر ماڻهو تمام اڃايل هئا، تنهنڪري موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”تو اسان کي مصر کان هتي انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا تہ اسين، اسان جا ٻار ۽ اسان جو چوپايو مال اُڃ جي ڪري مرون؟“


آءٌ اتي سينا جبل جي ڀرسان ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيٺو هوندس. تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻجانءِ تہ انهيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نڪرندو.“ سو موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


اي صيئون جبل تي يروشلم ۾ رهندڙ قوم وارؤ! اڳتي اوهان کي ڪڏهن بہ روئڻو نہ پوندو. خداوند اوهان جي فرياد جو آواز ٻڌڻ سان ئي اچي اوهان تي رحم ڪندو. هائو، هو اوهان جي ٻڌندو ۽ هڪدم وراڻي ڏيندو.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


گدڙ ۽ اٺ پکي، بلڪ سڀ جھنگلي جانور، منهنجي تعظيم ۽ واکاڻ ڪرڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل قوم جي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ نديون جاري ٿو ڪريان.


جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.


جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.


تڏهن هن مون کي ٻڌايو تہ ”هي پاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جي اوڀر واري علائقي ڏانهن وهندي هيٺ اردن جي ماٿريءَ ۾ لهي وڃي ٿو، جتان اهو کاري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. جڏهن اهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘


پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


پاڪ روح ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اي خداوند عيسيٰ! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو آبِ‌حيات مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ