يسعياہ 41:13 - Muslim Sindhi Bible13 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندي چوان ٿو تہ ڊڄو نہ، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.