Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن انهن تي خداوند پنهنجو واءُ گھلائي ٿو، تڏهن گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ جھنگلي گل ڪومائجي ٿو. بيشڪ انسان گاهہ کان وڌيڪ جٽادار ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 گاهہ سڪي وڃي ٿو، ۽ گل ڪومائجي ٿو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو واءُ انهي کي لڳي ٿو: يقيناً اُمت گاهہ وانگر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.


اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.


ان جي ساهہ کڻڻ جي عمل سان ڪوئلن ۾ باهہ ڀڙڪيو پوي، ڇاڪاڻ تہ ان جي وات مان شعلا ٿا نڪرن.


گاهہ وانگر منهنجي اميد بہ ڪومائجي سُڪي ويئي آهي، ايتري قدر جو ماني کائڻ تي بہ دل نہ ٿي ڪري.


فاني انسان جي حياتي رڳو گاهہ مثل آهي، هائو، اها جھنگلي گل جيان ٿوري وقت لاءِ ٽِڙي ٿي.


جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي.


تون اسان کي اهڙو غرق ڪري ٿو ڇڏين، ڄڻ تنهنجي نظر ۾ اسين رڳو هڪ خواب مثل آهيون، هائو، ان گاهہ مثل، جيڪو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃي ٿو. اهو گاهہ صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جھومي ٿو، پر جڏهن شام ٿئي ٿي تڏهن ڪُومائجي سُڪي وڃي ٿو.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


اتي جا ماڻهو ڪمزور ثابت ٿيا، ۽ خوف وچان سندن ڪنڌ جھڪي ويا. اهي ٻنيءَ جي ٻوٽن، ساون نازڪ سلن ۽ ڇت تي ڦٽندڙ گاهہ وانگر هئا، جيڪو جھولي واري گرم هوا لڳڻ سان سڪي سڙي وڃي ٿو.


اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.


هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ