Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:26 - Muslim Sindhi Bible

26 اي انسانؤ! پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڏسو تہ انهن سڀني ستارن ۽ سيارن جو خالق ڪير آهي؟ رڳو اهو ئي آهي، جيڪو انهن کي هڪ لشڪر وانگر هلائي ٿو. اهو ئي انهن جو تعداد ڄاڻي ٿو، ۽ انهن مان هر هڪ کي سندس نالو وٺي سڏي ٿو. هن جي قدرت ايڏي تہ عظيم آهي، جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ گم نہ ٿو ٿئي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:26
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن.


اهڙيءَ طرح خدا ٻہ وڏيون روشنيون ٺاهيون، هڪڙي وڏي جيڪا ڏينهن تي حڪومت هلائي ٿي ۽ ٻي ان کان ننڍي جيڪا رات تي حڪومت ڪري ٿي. خدا تارا بہ ٺاهيا.


تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


سڀيئي شيون تنهنجي حڪم سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. بيشڪ هر شيءِ تنهنجي ئي تابعدار آهي.


آءٌ پنهنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانهن نهاريان ٿو، هائو، آءٌ واجھايان ٿو تہ منهنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟


آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن.


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اي بني اسرائيل! جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، هائو، آءٌ ئي اول ۽ آءٌ ئي آخر آهيان.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


اوهين پنهنجيون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن پڻ نهاريو. ڏسو، آسمان دونهين وانگر گم ٿي ويندو، ۽ ڌرتي ڳري ويل ڪپڙي وانگر ختم ٿي ويندي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو مڇرن وانگر مري کپي ويندا. پر منهنجو بچائڻ ابد تائين رهندو. ھائو، منهنجي بچائڻ واري قدرت ڪڏهن ختم نہ ٿيندي.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ