Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند جي ڇينڀڻ سان، ۽ قهر مان ڪڍيل طوفاني ڦوڪ سان ڌرتيءَ جا بنياد کُلي ويا ۽ سمنڊ جو ترو ظاهر ٿيو.


اهڙيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي‌اب بادشاهہ جي گھراڻي مان جيڪي بچيا هئا تن سڀني کي بہ ييهوءَ مارائي ڇڏيو. ييهوءَ انهيءَ گھراڻي جي سڀني مک ماڻهن کي، سندن گھاٽن دوستن کي ۽ سندن مذهبي اڳواڻن کي بہ مارائي ڇڏيو، ايتري تائين جو انهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو.


ڀلا، انهن بدڪارن کي ڪڏهن ائين اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جيئن ڪک ڪاني کي هوا اڏايو ڇڏي؟ هائو، ڇا انهن کي انهيءَ بُهہ وانگر اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن کي طوفان اڏائي ٿو ڇڏي؟


اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.


انهن جون پاڙون توڙي جو پٿرن جي ڍڳ کي چوڌاري ويڙهجي وڃن ٿيون، يا وري پٿريلي جاءِ ۾ داخل ٿين ٿيون،


انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ.


اي منهنجا خدا! تون انهن دشمنن کي واچوڙي جي مٽيءَ وانگر ڪري ڇڏ. جيئن واءُ بُهہ کي اڏائي ٿو ڇڏي تيئن تون کين اڏائي ڇڏ.


هائو، جڏهن دهشت اوهان مٿان طوفان جيان اچي ڪڙڪندي، ۽ مصيبت، تنگي ۽ ڏک اوهان کي خوفناڪ واچوڙي جيان اچي وڪوڙيندا،


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


جيتوڻيڪ اوهان جا پوکيل ٻوٽا انهيءَ ڏينهن وڌي وڻ ٿي وڃن، ۽ صبح جو گل جھلين، تہ بہ اوهان کي انهيءَ مان ڪوبہ فصل نہ ملندو، اٽلندو اوهين ڏک ۽ سخت مصيبت ۾ مبتلا هوندا.


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.


ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“


جڏهن انهن تي خداوند پنهنجو واءُ گھلائي ٿو، تڏهن گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ جھنگلي گل ڪومائجي ٿو. بيشڪ انسان گاهہ کان وڌيڪ جٽادار ناهي.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


اهو ڪير آهي جنهن اوڀر کان فاتح کي آندو، ۽ کيس هر قدم تي ڪاميابي عطا ڪئي؟ هائو، ڪنهن کيس بادشاهن ۽ قومن تي فتح بخشي آهي، جو سندس تلوار انهن کي دز وانگر، ۽ سندس تيرڪمان انهن کي هوا ۾ اڏامندڙ بُهہ وانگر ڪريو ڇڏي؟


خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس، تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس، ۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ