23 هو دنيا جي طاقتور حڪمرانن کي هيٺ ڪيرايو ڇڏي، ۽ کين ڪين جهڙو ڪريو ڇڏي.
23 هو شهزادن کي نابود ٿو ڪري؛ ۽ زمين جي حاڪمن کي فنا ڪري ٿو ڇڏي.
هو مذهبي اڳواڻن کي لٽائي ڦرائي قيد ٿو ڪرائي، ۽ حڪمرانن کي اونڌو ڪري ٿو ڪيرائي.
هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.
تڏهن خدا مٿن ظلم ڪرڻ وارن کي ذليل وَ خوار ڪري ٿو، ۽ کين اهڙي رڻ ۾ رلائي ٿو جتي ڪابہ واهہ ناهي.
هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.
بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.
اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.
ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هوندو، بلڪ انهيءَ جو ڪو اڳواڻ ئي نہ رهندو، جنهن کي بادشاهہ چونڊي سگھجي.
ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.
موآب جي حڪمران کي بہ سندس سڀني عملدارن سميت آءٌ قتل ڪرائي ڇڏيندس.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.