يسعياہ 40:20 - Muslim Sindhi Bible20 پر جنهن کي سون يا چاندي ناهي، سو وري ڪنهن اهڙي وڻ جي ڳولا ٿو ڪري جيڪو ڳري سڙي ڪنو نہ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ جي ڪاٺي اهڙي هوشيار ڪاريگر کي ٿو ڏئي، جيڪو انهيءَ مان اهڙي اُڪريل مورتي جوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جيڪا اونڌي ٿي نہ ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.