Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:11
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يعقوب کيس چيو تہ ”سائينءَ جن کي خبر آهي تہ هي ٻار نازڪ آهن ۽ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي منهنجي سنڀال ۾ آهن سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گھڻو ڪاهبو تہ سمورو چوپايو مال مري ويندو.


پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


توڙي جو منهنجا ماءُ پيءُ مون کي ڇڏي ڏين، تہ بہ اي خداوند! تون منهنجي سار سنڀال لهندين.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ نہ ڀڃندو، نڪي اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو، بلڪ هو سڀني کي ديانتداريءَ سان فوري انصاف مهيا ڪندو.


پوءِ هنن گذريل وقت کي ياد ڪيو تہ خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي ڏينهن ۾ ڇا ڇا ٿيو هو. تڏهن چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اهو خداوند ڪٿي آهي، جنهن پنهنجي قوم کي اڳواڻن سميت سمنڊ مان بچائي ڪڍي آندو هو؟ اهو خداوند ڪٿي آهي، جنهن انهن تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪيو هو؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘


ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.


آءٌ خداوند خدا پاڻ پنهنجين رڍن ٻڪرين جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سلامتيءَ واريءَ جاءِ ۾ رکندس.


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.


آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو.


هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


هائو، اڳي اوهين ڀٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان وٽ موٽي آيا آهيو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ