يسعياہ 39:2 - Muslim Sindhi Bible2 حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جا سڀ گدام ڏيکاريائين، جن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلحہ خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.