Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مون کي هميشہ اها اميد هئي تہ آءٌ وڏي ڄمار تائين جيئندس ۽ پنهنجي ئي ڪکن ۾ سڪون سان مرندس،


تہ پوءِ اهو فرشتو مٿس مهربان ٿي خدا کي عرض ڪري ٿو تہ ’خدايا! هن کي قبر ۾ وڃڻ کان بچاءِ، ڇو تہ سندس موت جو عيوضو ادا ٿي ويو آهي.‘


بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي.


هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو.


اي خداوند! تو مون کي پاتال ۾ وڃي پوڻ کان بچائي ورتو، هائو، تو مون کي قبر ۾ داخل ٿيڻ کان محفوظ رکيو.


هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


تو پنهنجي قوم جي خطا بخشي ڇڏي هئي. تو انهن جا سڀيئي گناهہ معاف ڪري ڇڏيا هئا.


مون تي تنهنجي ايڏي تہ دائمي شفقت آهي، جو تو مون کي موت جي منهن مان ڇڏايو آهي.


اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.


جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ