Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 آءٌ صبح تائين ماٺ ڪري ويٺس؛ هو شينهن وانگي منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهي: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن انهيءَ انڪار ڪندڙ کي چيو تہ ”جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي تنهنڪري جيئن ئي تون مون وٽان ويندين تيئن هڪڙو شينهن تو کي ماري ڇڏيندو.“ سو هو جيئن ئي انهيءَ وٽان روانو ٿيو تہ رستي ۾ شينهن بہ اچي پهتس ۽ کيس ماري وڌائين.


منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ کان بہ تيزيءَ سان ٿا هلن، اهي نااميديءَ ۾ پورا ٿيندا ٿا وڃن.


جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.


اي خداوند! تون مون کان پنهنجي آفت پري ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي هٿ جي چوٽ کان آءٌ تباهہ ٿيندو ٿو وڃان.


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.


ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.


تون اسان کي اهڙو غرق ڪري ٿو ڇڏين، ڄڻ تنهنجي نظر ۾ اسين رڳو هڪ خواب مثل آهيون، هائو، ان گاهہ مثل، جيڪو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃي ٿو. اهو گاهہ صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جھومي ٿو، پر جڏهن شام ٿئي ٿي تڏهن ڪُومائجي سُڪي وڃي ٿو.


خدا منهنجي بدن جو ماس ۽ چمڙي ڳاري ڇڏيا آهن، ۽ منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا اٿس.


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ