Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:12 - Muslim Sindhi Bible

12 منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڄڻ تہ خانہ‌بدوش جي تنبوءَ وانگر وقت کان اڳ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. اي خداوند! مون سمجھيو ٿي تہ تو انهيءَ ڪوريءَ وانگر منهنجي حياتي ويڙهي رکي ڇڏي آهي، جيڪو آڏاڻي مان تاني اڌ ۾ ڇنيو ڇڏي. هائو، مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 منهنجي عمر ڌنار جي تنبوءَ وانگر ڊاهي پري ڪئي وئي آهي: مون ڪوريءَ وانگي پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ ۽ هو مون کي آڏاڻي تان وڍي ڇڏيندو: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.


منهنجا ڏينهن گھٽايا ويا آهن، هاڻ منهنجو ساهہ لُڪيءَ ۾ اچي پهتو آهي، ۽ قبر منهنجي انتظار ۾ آهي.


هو صبح جو تہ آهن پر شام ٿيڻ تائين اهي مريو وڃن، هائو، هميشہ هميشہ لاءِ اهي چٽ ٿي وڃن ٿا، ڪوبہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.


ڪاش! خدا منهنجي اميد پوري ڪري جو مون کي ماري ڇڏي. ڪاش! هو پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي حياتي وڍي اڇلائي.


منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان.


توڙي جو سردار بہ منهنجي خلاف سازشون ويٺا ڪن، تڏهن بہ تنهنجي هن بندي جو ڌيان تنهنجي قانونن تي رهندو.


ان وقت آءٌ گھٻرائجي ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ ”آءٌ تنهنجي نظر کان ڪڍيو ويو آهيان.“ پوءِ بہ جڏهن مون تو کي پڪاريو، تڏهن تو منهنجيون منٿون ٻڌي ورتيون.


روزانو اٿڻ سان ئي مون کي سزا ملندي رهي ٿي، بلڪ سڄو ڏينهن آءٌ آفتن منجھہ گذاريان پيو.


تون اسان کي اهڙو غرق ڪري ٿو ڇڏين، ڄڻ تنهنجي نظر ۾ اسين رڳو هڪ خواب مثل آهيون، هائو، ان گاهہ مثل، جيڪو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃي ٿو. اهو گاهہ صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جھومي ٿو، پر جڏهن شام ٿئي ٿي تڏهن ڪُومائجي سُڪي وڃي ٿو.


رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو جسم جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ خدا وٽ آسمان تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.


تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجي زندگي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“


ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ