Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ”مون سوچيو ٿي تہ منهنجي حياتيءَ جا باقي رهيل سال مون کان کسيا ويا آهن، سو آءٌ پنهنجي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي مري وڃي مئلن جي دنيا ۾ داخل ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 مون چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ حياتي جي اڌ ۾ ئي قبر جي دروازن ۾ داخل ٿيندس: منهنجا باقي رهيل ورهيہ مون کان کسيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ۾ ڪهڙي طاقت رهي آهي، جو آءٌ چڱي پڇاڙيءَ جو انتظار ڪريان؟ ۽ منهنجي چڱي پڇاڙي ڪهڙي آهي، جو آءٌ انهيءَ لاءِ صبر ڪري ويهي رهان؟


آءٌ خدا کي ياد ٿو ڏياريان تہ منهنجي زندگي تہ رڳو ڦوڪ مثل آهي، ۽ منهنجيون اکيون وري خوشي ڪين ڏسنديون.


اي منهنجا خدا! منهنجي التجا آهي تہ اڌ عمر ۾ ئي منهنجي حياتيءَ جي ڏور نہ ڪٽ. تون ازل کان ابد تائين پيڙهي بہ پيڙهي قائم آهين.


تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


سندن دل کي ڪنهن بہ قسم جو کاڌو ڪين ٿي وڻيو، بلڪ بيماريءَ ڪري اهي موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا هئا.


اي خداوند جا نيڪ بندؤ! سڀيئي ساڻس پيار ڪريو. هو وفادارن جي حفاظت ڪري ٿو، پر جيڪي مغرور آهن تن کي جوڳي سزا سان بدلو ڏئي ٿو.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ بيماريءَ مان شفاياب ٿيڻ بعد شڪرگذاريءَ لاءِ هي لکيو تہ


آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.


سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر خدا تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ