Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ساڳئي وقت اشور جي شهنشاهہ کي نياپو مليو تہ مصر جو سوڊاني بادشاهہ ترهاقہ مٿن حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر وٺيو ٿو اچي. جڏهن هن اها خبر ٻڌي تڏهن هن وري بہ ڌمڪيءَ وارو خط لکي قاصدن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن ڏياري موڪليو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڏانهن شهر ۾ قاصد موڪلي کانئس گھر ڪئي تہ


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


آہ! ويل آهي سوڊان جي انهيءَ علائقي لاءِ! جيڪو ان جي ندين جي هُن پار آهي، ۽ جنهن ۾ پرن وارن جيتن جي ڦڙڦڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.


اشورين جڏهن اشدود شهر فتح ڪيو تڏهن خداوند فرمايو تہ ”جيئن تہ منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو رهيو آهي، سو اها مصر ۽ سوڊان وارن جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت آهي تہ ساڻن ڇا ڪيو ويندو.


پوءِ اهي جيڪي سوڊان ۽ مصر کي پنهنجي اميد ۽ فخر سمجھندا هئا، سي پريشان ۽ مايوس ٿي ويندا.


ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ