Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“


تڏهن خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو جنهن اشور جي شهنشاهہ جي لشڪرگاهہ ۾ ڪيترن ئي جنگي جوڌن، سالارن ۽ عملدارن کي ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اشور جو شهنشاهہ ڦڪو منهن کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي هليو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود جي پوڄا گھر ۾ ويٺو هو تہ سندس ئي پٽن کيس تلوار سان ماري ڇڏيو.


دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.


اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.


انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


ساڳئي وقت اشور جي شهنشاهہ کي نياپو مليو تہ مصر جو سوڊاني بادشاهہ ترهاقہ مٿن حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر وٺيو ٿو اچي. جڏهن هن اها خبر ٻڌي تڏهن هن وري بہ ڌمڪيءَ وارو خط لکي قاصدن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن ڏياري موڪليو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ