يسعياہ 37:4 - Muslim Sindhi Bible4 اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“