يسعياہ 37:38 - Muslim Sindhi Bible38 پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود نسروڪ جي پوڄا گھر ۾ پوڄا ڪري رهيو هو تہ سندس ٻن پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس تلوار هڻي ماري وڌو ۽ اراراط جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويا. تنهن بعد سندس ٽيون پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي شهنشاهہ بڻيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible38 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.