Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:35 - Muslim Sindhi Bible

35 ڇاڪاڻ تہ آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:35
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا ابياہ کي هڪ پٽ ڏنو تہ جيئن کانئس پوءِ هو يروشلم ۾ بادشاهي ڪري ۽ يروشلم کي مضبوط رکي،


آءٌ تنهنجي عمر پندرهن سال وڌايان ٿو. آءٌ تو کي ۽ هن شهر کي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندس. هائو، آءٌ هن شهر کي پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر بچائيندس.‘“


اي خداوند! تو پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي هن ٻانهي جي خاطر هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ پنهنجي سڀني عظيم واعدن جو پڻ اظهار ڪيو اٿيئي.


هائو، جيئن پکي پنهنجي آکيري مٿان ٻچن جي حفاظت لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي، تيئن ئي آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي حفاظت ڪندس ۽ انهيءَ کي بچائيندس.“


آءٌ تو کي ۽ هن شهر يروشلم کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائيندس ۽ شهر جي حفاظت ڪندو رهندس.“


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان، سو اي بني اسرائيل! اوهان جي خاطر نہ بلڪ پنهنجي پاڪ نالي جي خاطر ڪريان ٿو، جنهن جي اوهان جي ڪري انهن غير قومن منجھہ بي‌حرمتي ٿي آهي، جن ۾ اوهين رهو ٿا.


آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ