Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:33 - Muslim Sindhi Bible

33 تنهنڪري خداوند اشور جي شهنشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي تہ ’هو هن شهر ۾ داخل ٿي نہ سگھندو، نڪي شهر تي ڪو تير هلائي سگھندو. سندس ڪوبہ سپاهي ڍال کڻي شهر جي ويجھو نہ ايندو، ۽ نہ وري هو انهيءَ جي چوڌاري دِڪا ئي ٺاهي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:33
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آہ! گھڻين قومن جو گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پيو اچي، جيڪي سمنڊ جي گجگوڙ وانگر گجن ٿيون. آہ! اهي وڏي ٻوڏ وانگر شور مچائينديون ٿيون اچن.


شام جي وقت اهي دهشت بڻجي اچي ڪڙڪندا، مگر صبح ٿيڻ کان اڳ ئي نابود ٿي ويندا. انهن دشمنن جو اهو ئي مقدر آهي، جيڪي ڪاهہ ڪري اچي اسان کي لٽين ڦرين ٿا.


صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.


قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.


پوءِ ڇا ٿيندو جو ڦال ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ تير ايندو جنهن تي يروشلم لاءِ نشان لکيل هوندو. تڏهن هو هڪدم اشارو ڏيندو تہ جنگ جو نعرو هنيو وڃي، يروشلم شهر جي ڀتين تائين مٽيءَ جا دِڪا ٻڌا وڃن، مورچا ٺاهيا وڃن، دروازن ڀڃڻ واريون مشينون لڳايون وڃن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي.


رڳو اهي وڻ، جيڪي اوهين سمجھو ٿا تہ کائڻ جي ڪم جا نہ آهن، سي اوهين وڍي برباد ڪري منجھائن انهيءَ شهر جي سامهون حملي واسطي ديوار تائين پهچڻ لاءِ چاڙهي ٺاهجو، جيڪو شهر اوهان سان جنگ ٿو ڪري، ايستائين جو اهو هٿ اچي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ