Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ڌارين ملڪن ۾ مون کوهہ کوٽرائي پنهنجي لشڪر لاءِ پاڻي حاصل ڪيو آهي. منهنجي لشڪر جي پيرن هيٺان لتاڙجي مصر جون سڀ نديون سڪي ويون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 مون کوٽيو آهي ۽ پاڻي پيتو اٿم، ۽ آءٌ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون سڀ نديون سڪائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بن‌هدد وري ٻيو پيغام اخي‌اب ڏانهن موڪليو تہ ”آءٌ تنهنجي شهر سامريہ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايترا تہ ماڻهو وٺي ايندس جو هو جيڪڏهن سامريہ شهر جي مٽيءَ مان هڪ هڪ مٺ بہ کڻندا تہ مٽي کپي ويندي. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ ڀل تہ منهنجا ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“


اشور جو شهنشاهہ هي ٻٽاڪون ٿو هڻي تہ ”مون هي سڀ پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سياڻو ۽ چالاڪ آهيان. مون قومن کي شڪست ڏيئي سندن سرحدون مِٽائي ڇڏيون آهن، ۽ انهن جا خزانا لٽي هٿ ڪيا اٿم. مون جھنگلي سانَهہ جيان اتي جي رهاڪن کي، پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي.


دنيا جون قومون مون لاءِ پکين جي آکيري مثل هيون، ۽ جيئن ڪو آسانيءَ سان انهيءَ ۾ پيل انڊا کڻي ٿو وٺي، تيئن مون سندن سڄي زمين ۽ پوري ملڪيت قبضي ڪئي آهي. انهن مان ڪنهن کي اها بہ جرئت نہ ٿي جو ڪو کنڀ چوري سگھي يا وات پٽي چُون بہ ڪري.“


نيل نديءَ جو پاڻي گھٽجي ويندو، بلڪ اها سڪي ٺوٺ ٿي ويندي.


انهيءَ مان نڪرندڙ نهرن جي سُڪندڙ پاڻيءَ مان بدبوءِ پيئي ايندي، بلڪ نيل مان نڪرندڙ سڀ واهہ سڪي خشڪ ٿي ويندا، ۽ ڪانا ۽ سَرَ ڪومائجي ويندا.


تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“


سو جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا اهو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان اوهين نڪري آيا آهيو. اُتي اوهان ٻج پوکي انهيءَ کي ڀاڄين جي باغ وانگر سخت محنت سان ناليون بڻائي پاڻي ٿي ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ