Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:24
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.


دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘


تڏهن شهنشاهہ جا گھاٽا ٻيلا ۽ سرسبز ٻنيون انهيءَ مريض وانگر بلڪل فنا ٿي وينديون، جنهن کي موتمار بيماري چٽ ڪيو ڇڏي.


پر ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، انهن دشمنن کي وڻ جي ٽارين جيان وڍي زور سان اڇلائيندو. هو هر ڊگھي قد واري وڻ کي وڍي ڪيرائيندو. هائو، هر ڪنهن مضبوط وڻ کي وڍي خداوند پٽ ڪري ڇڏيندو.


خداوند انهن کي ٻيلي جي گھاٽن وڻن جيان ڪهاڙي سان وڍي ڪيرائيندو. هائو، جهڙيءَ طرح لبنان جا وڏا وڻ وڍي ڪيرايا ويندا آهن، تهڙيءَ طرح خدا دشمن لشڪر کي ڪيرائي ناس ڪندو.


هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘


سو هاڻي خداوند ٿوريءَ دير ۾ ئي ابتڙ ڪم ڪندي، لبنان جي ٻيلن کي مَٽائي هڪڙي آباد ٻني ٺاهيندو، ۽ آباد ٻنيءَ کي بدلائي هڪڙو ٻيلو ڪري ڇڏيندو.


پر تو وٽ تہ اهي بہ نہ هوندا، تہ پوءِ تون ڪيئن منهنجي مالڪ جي خسيس عملدار کي بہ پوئتي هٽائي سگھندين؟ جڏهن تہ تون جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن لاءِ بہ مصر تي ڀروسو رکيو ويٺو آهين؟


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.


آءٌ انهيءَ تي هٿياربند لشڪر موڪليندس، جيڪو ان کي ڀڃي تباهہ ڪري ڇڏيندو. انهيءَ محل جا عمدا عمدا ديال جا شهتير وڍي باهہ ۾ اڇلايا ويندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ اتان جي رهاڪن کي مقدس هيڪل خلاف پيغام ٻڌاءِ، بلڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ کي خبردار ڪر تہ


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ