Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هاڻي اي خداوند! ڌيان ڏيئي اسان جي ٻڌ. اي خداوند! اسان ڏانهن نهاري ڏس تہ اسان سان ڇا ٿو وهي واپري. سنحيرب جون اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌ، جيڪي هن تو زندہ خدا جي خلاف ڪفر بڪندي چيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“


هاڻي اي خداوند! ڌيان ڏيئي اسان جي ٻڌ. اي خداوند! اسان ڏانهن نهاري ڏس تہ اسان سان ڇا ٿو وهي واپري. سنحيرب جون اهي ڳالهيون ٻڌ، جيڪي هن تو زندہ خدا جي خلاف ڪفر بڪندي چيون آهن.


هاڻي اي منهنجا خدا! شل تون اسان جي هر اها دعا رحم ڪندي قبول ڪرين، جيڪا هن گھر ۾ گھري وڃي.


هاڻي جيڪا بہ دعا هن هيڪل مان گھري ويندي سا آءٌ پنهنجي ٻاجھہ سان قبول ڪندس.


سچارن تان هو پنهنجي مهر جي نظر نہ ٿو هٽائي، بلڪ انهن کي بادشاهن وانگر هميشہ لاءِ تخت تي ويهاري ٿو، اهڙيءَ طرح هو کين سرفراز ڪري ٿو.


مون کي خداوند سان محبت آهي، ڇوجو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجي منٿن کي ٻڌو آهي.


اي خدا! آءٌ تو کي سڏيان ٿو جو تون ئي منهنجي ٻڌندين، مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ منهنجو عرض ٻڌ.


پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ.


اي خدا! تنهنجا دشمن ڪيستائين تو تي ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڇا اهي هميشہ تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي پيا ڪندا رهندا؟


اُٿ اي خدا! پنهنجي نالي کي بي‌حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھہ ڪر. ڏس ڪيئن نہ نادان ماڻهو سڄو ڏينهن تو تي ٺٺوليون ڪن ٿا.


آس‌پاس جون غير قومون تنهنجي خلاف جيڪا گلا ڪن ٿيون، اي ڌڻي! سا ستوڻي ڪري تون موٽائي انهن جي ئي مٿان آڻ.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ