يسعياہ 37:1 - Muslim Sindhi Bible1 جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ کٿو ڍڪي هيڪل ۾ ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“