Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي اعليٰ عملدار واريون ڳالهيون ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتان هنن بادشاهہ حزقياہ کي سڏ ڪيو ۽ الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي شهر کان ٻاهر نڪري آيا.


جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“


جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجو جبو ڦاڙيو ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار پٽيا ۽ وائڙو ٿي ويهي رهيس.


پوءِ خداوند قادرِمطلق خدا مون يسعياہ کي شاهي محل جي ناظم شبناہ ڏانهن پنهنجو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ


انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند پنهنجي ٻانهي الياقيم ولد خلقياہ کي سڏيندس


پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربان‌گاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.


ڏسو، اسان جا بهادر سپاهي گھٽين ۾ ڊوڙندي مدد لاءِ رڙندا ٿا وتن. اسان جا ايلچي جيڪي امن وَ سلامتيءَ جي اميد کڻي ويا هئا، سي زاروزار روئندا موٽيا آهن.


تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“


تڏهن الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي نڪري وٽن آيا.


پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.


انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ڪفر بڪيو آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ