Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن اشور جي شهنشاهہ پنهنجي اعليٰ عملدار کي هڪڙي وڏي لشڪر سان لڪيس شهر کان يروشلم ڏانهن موڪليو تہ هو حزقياہ بادشاهہ کي پيش پوڻ لاءِ چوي. هو اوڏانهن ويو ۽ ڌوٻي گھاٽ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڏانهن شهر ۾ قاصد موڪلي کانئس گھر ڪئي تہ


اشور جو شهنشاهہ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ملڪ ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾، ڪن کي جوزان علائقي واري خابور نديءَ جي ويجھو، تہ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


سو هاڻ آءٌ پنهنجي مالڪ اشور جي شهنشاهہ طرفان تو سان هڪ شرط ٿو رکان تہ آءٌ تو کي ٻہ هزار گھوڙا ڏيندس، پر انهيءَ شرط سان تہ تو وٽ انهن تي سواري ڪرڻ لاءِ ماڻهو بہ هجن.


تڏهن خداوند يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آخز سان ملو.


ان وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يهوداہ جي شهرن يروشلم، لڪيس ۽ عزيقہ سان جنگ پئي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ئي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.


اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ! اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو. شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ