Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:18 - Muslim Sindhi Bible

18 حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:18
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“


سو جهڙو حشر مون سامريہ ۽ ان جي بتن جو ڪيو، تهڙو ئي حشر آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن جو ڪندس.“


پر اشور جو شهنشاهہ خداوند جي اها ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، انهيءَ جي ابتڙ هو پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍائيءَ جا منصوبا پيو جوڙي، تان‌تہ گھڻين ئي قومن کي ماري چٽ ڪري ڇڏي.


ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس تباهہ وَ برباد ڪر.‘“


حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.


اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


”جنهن خدا تي تون ڀروسو ٿو ڪرين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


بيشڪ، تو کي معلوم آهي تہ اسان اشور وارن سڀني ملڪن سان ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن نہ کين برباد ڪيو اٿئون. تہ پوءِ ڇا تون بچي سگھندين؟


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


جھجھي پاڻيءَ ملڻ ڪري اهو ديال جو وڻ ٻيلي جي سڀني وڻن کان قد ۾ وڌي ويو، ۽ ان جون ٽاريون ٿلهيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون.


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ