Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:15 - Muslim Sindhi Bible

15 حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟


انهن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪير آهي جنهن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ تہ پوءِ خداوند ڪيئن يروشلم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائيندو؟‘“


اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


”جنهن خدا تي تون ڀروسو ٿو ڪرين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


بيشڪ، تو کي معلوم آهي تہ اسان اشور وارن سڀني ملڪن سان ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن نہ کين برباد ڪيو اٿئون. تہ پوءِ ڇا تون بچي سگھندين؟


هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ