Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ اعليٰ عملدار اُٿي بيٺو ۽ يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”اوهين شاهہِ عظيم، اشور جي شهنشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهن قاصدن ڀت تي ويٺل ماڻهن کي وڏي واڪي يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو تہ جيئن هو ڊڄي وڃن ۽ کين پريشان ڪري سندن شهر تي قبضو ڪيو وڃي.


تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“


تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“


اشور جي اعليٰ عملدار انهن ماڻهن هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”شهنشاهہ اعظم، اشور جو بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ’تو کي ڇا تي هيڏو ڀروسو آهي؟


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


تنهنڪري هاڻي ڏس، آءٌ پروردگار ارام ۽ اسرائيل ملڪن تي اشور جو شهنشاهہ سندس پوري لشڪر سان چاڙهي آڻيندس. اهي فرات نديءَ جي تمام زور واري سيلابي پاڻيءَ جيان اچي مٿن ڪڙڪندا، جيڪو پاڻي پنهنجي سڀني نهرن جا ڪنارا ڀڃي ڌوڪيندو ايندو آهي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ