Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي. هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“


تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“


پوءِ اعليٰ عملدار اُٿي بيٺو ۽ يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”اوهين شاهہِ عظيم، اشور جي شهنشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.


سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.


آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘


تون ماڻهن جي سڪل ڪاڪوس جي باهہ ٻاري سڀني جي اڳيان انهيءَ تي پنهنجي کائڻ لاءِ ماني پچائيندين.


خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.


اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ