Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو.


پوءِ خداوند قادرِمطلق خدا مون يسعياہ کي شاهي محل جي ناظم شبناہ ڏانهن پنهنجو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ


انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند پنهنجي ٻانهي الياقيم ولد خلقياہ کي سڏيندس


تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“


پوءِ اعليٰ عملدار اُٿي بيٺو ۽ يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”اوهين شاهہِ عظيم، اشور جي شهنشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.


اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“


تڏهن رملين بادشاهہ کي چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. اوهين پنهنجي ٻانهن کي اهو خواب ٻڌايو، تہ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ