Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 35:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 35:8
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”هي خداوند جو دروازو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ سچار ماڻهو داخل ٿي سگھن ٿا.“


تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.


توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.


سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.


بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،


”اچو، اي بي‌سمجھہ انسانؤ! اچو.“ هائو، جن کي ڄاڻ ڪانهي تن کي سڏائي چوي ٿي تہ


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


انهن ڏينهن ۾ مصر کان اشور تائين اچ وڃ جو رستو کُليل هوندو، سو اشور وارا مصر ۾ ايندا ۽ مصر وارا اشور ڏانهن ويندا. اهي ٻئي قومون گڏجي خداوند جي عبادت ڪنديون.


هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“


شاهي رستا ويران ٿي ويا آهن، خوف وچان ڪوبہ انهن تي سفر نہ ٿو ڪري. عهد شڪني ڪئي وڃي ٿي، شاهدي ڏيڻ وارن تي ڪو يقين ڪونہ ٿو ڪري ۽ ماڻهو هڪٻئي جي عزت نہ ٿا ڪن.


صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو، جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان. اهي هاڻي عمل ۾ اينديون، اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟ ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو، ۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.


ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي، هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟ تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تان‌تہ اها توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


سو اي پيارا اسرائيل وارؤ! پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪريو، رستي جي سڃاڻپ لاءِ اوهين ٿنڀا لڳايو. شاهي رستي ڏانهن ڌيان ڏيو، يعني اهو رستو جنهن تان اوهان کي هلي اچڻو آهي. هاڻي اوهين پنهنجن شهرن ڏانهن موٽي اچو.


هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“


سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


انهيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ فضل موجب ٿيو، جيڪو اسان تي عيسيٰ مسيح ۾ ازل کان وٺي ڪيو ويو هو.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.“


جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ