پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.
خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.
”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،
تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“