3 اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.
3 اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.
انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.
پر نہ، آءٌ تہ پنهنجي مشورن سان اوهان کي همتايان ها، ۽ منهنجي واتان ڏنل تسلي، جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي ها.“
سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا.
تڏهن انهيءَ آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو ۽ مون کي طاقت بخشيائين.
انهيءَ ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ ”اي صيئون تي اڏيل شهر! تون ڪوبہ خوف نہ ڪر. تون پنهنجي همت نہ هار.
قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.
پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“
ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني.
انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو خداوند عيسيٰ جي سڀني پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪندو ويو.
تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.
جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيميگاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.
کيس چيائين تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ تو تائين ڪين پهچندو، بلڪ تون بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين ۽ تو کان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو. انهيءَ ڳالهہ جي منهنجي پيءُ سائول کي بہ خبر آهي.“