يسعياہ 34:13 - Muslim Sindhi Bible13 انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“