Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ٻنيون سڪي سڙي ويران ٿي ويون آهن، لبنان جا ٻيلا ڪومائجي سڪي ويا آهن. شارون جي سرسبز ماٿري بيابان بڻجي ويئي آهي، ۽ بسن جي علائقي ۽ ڪرمل جبل جي ٻيلن جا پن ڇڻي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرير انگورن جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن جا انگور ڪچا ئي ڇڻي ويندا آهن. هو زيتون جي انهيءَ وڻ وانگر آهن، جنهن جو ٻور ئي ڇڻيو وڃي.


آءٌ تہ ميدان جي رڳو جھنگلي گل مثل آهيان. هائو، آءٌ ڄڻ تہ پهاڙي ماٿرين جو سوسن گل آهيان.


خداوند انهن کي ٻيلي جي گھاٽن وڻن جيان ڪهاڙي سان وڍي ڪيرائيندو. هائو، جهڙيءَ طرح لبنان جا وڏا وڻ وڍي ڪيرايا ويندا آهن، تهڙيءَ طرح خدا دشمن لشڪر کي ڪيرائي ناس ڪندو.


هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘


هو لبنان جي سڀني اوچن ديال جي وڻن، ۽ بسن جي سڀني بلند شاهہ‌بلوط وڻن کي برباد ڪري ڇڏيندو.


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربان‌گاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن، تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان، ۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي، جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا.


پر آءٌ بني اسرائيل کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻيندس. پوءِ هو ڪرمل جبل ۽ بسن جي سرسبز علائقن جا فصل پيا کائيندا، بلڪ افرائيم ۽ جِلعاد جي علائقن ۾ هو خوشحالي پيا ماڻيندا.


تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.


لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.


انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ