Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:8 - Muslim Sindhi Bible

8 شاهي رستا ويران ٿي ويا آهن، خوف وچان ڪوبہ انهن تي سفر نہ ٿو ڪري. عهد شڪني ڪئي وڃي ٿي، شاهدي ڏيڻ وارن تي ڪو يقين ڪونہ ٿو ڪري ۽ ماڻهو هڪٻئي جي عزت نہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 شاهي رستا ويران آهن، مٿن لنگهڻ وارو ئي ڪونهي: هن عهد ڀڳو آهي، هو شهرن سان نفرت ٿو ڪري، ۽ انسان جي ڪابہ پرواهہ نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين.


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


آءٌ اوهان منجھہ خطرناڪ جھنگلي جانور موڪليندس، جيڪي اوهان جي ٻارن کي ماري ڇڏيندا، اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جو تعداد ايترو تہ گھٽائي ڇڏيندا جو اوهان جا رستا ويران ٿي ويندا.


اُنهيءَ پوڙهي مرد جڏهن مسافرن کي چونڪ تي ويٺل ڏٺو تڏهن کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“


رهبر شمجر جي ڏينهن ۾ ياعيل نالي هڪ عورت هئي. تن ڏينهن ۾ شاهي رستن تي سفر ڪرڻ ۾ بيحد خطرو هوندو هو، سو هر ماڻهو وروڪڙ پيچرن تان سفر ڪندو هو.


اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ