Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن اسان کي وڏي ملڪيت حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ دشمن جي جھنڊي جي ڪاٺي ڀڳل هوندي، ۽ سندن جھنڊو ڪريل هوندو. اسين دشمنن جي دولت مان جيڪي وڻندو، سو لٽي ڦري وٺنداسين. اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو منڊو ماڻهو بہ ان مان لٽي وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:23
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ سامريہ جا ماڻهو ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن ڪاهي پيا ۽ ان کي وڃي لٽيائون. هنن ايترو تہ مال هٿ ڪيو جو جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ئي ٿيو ۽ ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديء جي سڪي تي وڪاڻا.


جڏهن اهي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ وارا ماڻهو خيمي‌گاهہ ۾ پهتا تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گھڙي ويا. هنن اتي کاڌو پيتو ۽ سون، چاندي ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون. هو اتان نڪري ٻئي تنبوءَ ۾ گھڙيا ۽ اتان بہ ڪجھہ شيون کڻي وڃي لڪايائون.


تڏهن يهوسفط ۽ سندس لشڪر وارا دشمنن جو مال لٽڻ لڳا. هنن بي‌انداز ڍور ڍڳا، مال متاع، ڪپڙا ۽ قيمتي شيون پنهنجي هٿ ڪيون. لٽ جو مال ايترو تہ گھڻو هو جو هو ٽن ڏينهن تائين اهو ميڙي گڏ ڪندا رهيا. تنهن هوندي بہ هو سمورو مال کڻي نہ سگھيا.


”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


سو انهيءَ مان اوهان کي بہ ملندو، جيڪي لڪي وڃي رڍن جي واڙن ۾ ستا هئا. انهيءَ مال ۾ ڪبوترن جون مورتيون آهن، جن جا پر چانديءَ جا آهن، ۽ انهن جا کنڀ نج سون سان ڍڪيل آهن.“


ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.


اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.


پوءِ اسين مٿن حملو ڪري کين ائين لٽيون ڦريون ٿا، جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ فصل کائي چٽ ڪريو ڇڏين.


تڏهن منڊا ماڻهو هرڻ وارا ڇال ڏيندا، ۽ گونگا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا. بيابان مان چشما ڦٽي نڪرندا، ۽ رڻ‌پٽ منجھان نديون وهڻ لڳنديون.


اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘


۽ ٽئين ڏينهن تي انهن سان گڏ سڀني مسافرن جهاز جو ساز وَ سامان بہ ڦٽو ڪيو.


پر خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان بي‌وقوف ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ