Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


پوءِ اوهين هڪ دفعو ٻيهر وڏي شان واري بادشاهہ کي ملڪ تي بادشاهي ڪندي ڏسندا. سندس بادشاهت هر طرف پري پري تائين پکڙيل هوندي.


آءٌ ويران ٽڪرين تان نديون، ۽ ماٿرين مان چشما وهائيندس. آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون بڻائي ڇڏيندس.


فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو، جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان. اهي هاڻي عمل ۾ اينديون، اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟ ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو، ۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.


گدڙ ۽ اٺ پکي، بلڪ سڀ جھنگلي جانور، منهنجي تعظيم ۽ واکاڻ ڪرڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل قوم جي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ نديون جاري ٿو ڪريان.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ